عجائب صنع الله (ڪتاب)

عجائب صنع الله (ڪتاب)

عجائب صنع الله ڪتاب

عجائب صنع الله (ڪتاب): هيءُ ڪتاب امام محمد غزاليءَ جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو آمنه حامد الزبيديءَ نهايت سليس انداز ۾ ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب مترجم پنهنجي والد جي نالي ڪيو آهي. ڪتاب ۾ تمهيد رابعه ياسمين جميل ۽ پيش لفظ ۽ تعارف مرتب جا لکيل آهن. ڪتاب کي ڪل 15 بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ باب پهريون: ‘آسمانن جي پيدا ڪرڻ ۾ حڪمت ۽ راز’، ٻيو باب: ‘سج جي پيدائش ۾ اسرار الاهي’، باب ٽيون: ‘چنڊ ۽ ستارن جي پيدائش ۽ انهن جون حڪمتون’، باب چوٿون: ‘ڌرتيءَ جي پيدائش ۾ حڪمت ۽ راز’، باب پنجون: ‘سمنڊ جي وجود ۾ حڪمت ۽ اسرار’، باب ڇهون: ‘پاڻيءَ جي وجود ۾ راز ۽ حڪمت’، باب ستون: ‘هوا جي پيدائش ۾ حڪمت ۽ راز’، باب اٺون: ‘باهه جي وجود ۾ حڪمت ۽ راز’، باب نائون: ‘انسان جي پيدائش ۾ ڳجهه ۽ اسرار’، باب ڏهون: ‘پکين جي پيدائش ۾ حڪمت ۽ راز’، باب يارهون: ‘جانورن جي پيدائش ۾ راز ۽ حڪمت’، باب ٻارهون: ‘ماکيءَ ۽ ٻين جيتن جي پيدائش ۾ ڳجهه ۽ حڪمت’، باب تيرهون: ‘مڇيءَ جي پيدائش ۾ مصلحت ۽ حڪمت’، باب چوڏهون: ‘نباتات جي پيدائش ۾ اسرار ۽ حڪمتون’، باب پندرهون: ‘دلين ۾ الله رب العالمين جي سمايل عظمت ۽ بزرگي’ وغيره شامل آهن. ڊيمي سائيز جي رنگين ٽائيٽل سان 144 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب فڪشن هائوس حيدرآباد 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 160 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو